ڪنب (ن پ ا ) ڳوٺ خيرپور جي کوهي واسي عاشق ميرجت گهرواري نورجهان ۽ ڌيءُ سنڌو ميرجت سان گڏ پريس ڪلب ڪنب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته پوليس اهلڪار ميول ميرجت جي پٽ آصف کي منهنجي نياڻي ڏنل آهي،جنهن کيس تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آھي، هن چيو ته بااثرن کان مونکي ۽ منهنجي نياڻي کي خطرو آھي، نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو ڪيو.