ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ مان گذريل ڏينهن پراسرار نموني گم ٿي ويل ناري ڪشش ڪماري ۽ روهن ڪمار روهڙي پهچي روهڙي جي دربار ۾ مڱڻو ڪري ڇڏيو، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته روهڙي جي هندو پنچائت وچ ۾ پئي معاملي کي سلجهائي جوڙي جي والدين کي روهڙي گهرائي ڪشش ڪماري ۽ نوجوان روهن ڪمار جو مڱڻو ڪرائي ڇڏيو، ذريعن موجب جوڙو گذريل ڏينهن شيواڌارين روھڙي ۽ سکر جي مکين ۽ معززن کي گھرايو، جن ٻنھي جون ڳالهيون ٻڌي وارثن کي گھرايو ۽ راضپي سان ٻنهي جو مڱڻو ڪرائي ڇڏيو، بعد ۾ معززن ناري ۽ نوجوان کي پنهنجي پنهنجي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته گذريل ڏينهن ناري جي والد مهيندر ڪمار اي سيڪشن ٿاڻي تي ڌيءُ جي مبينا اغوا جي اين سي داخل ڪرائي هئي، جنهن بعد پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو.