پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن جي وارڊ نمبر چار جي رھواسي نوجوان مجاھد حسين مڱڻھار پنھنجي پيرسن امڙ سان گڏجي پريس ڪلب پھچي ويو. نوجوان احتجاج ڪندي دانھيو ته مان وزير علي سولنگي نالي شخص وٽ گذريل 8 سالن کان سيلون جي دڪان تي ڪم ڪندو ھئس جنھن کان جڳهه ٺھرائڻ لاءِ اڌارا پئسا ورتا ھئا جيڪي مان واپس ڪري چڪو آھيان پر وزير سولنگي ورتل پئسن مٿان وياج لڳائي وڌيڪ پئسا ڏيڻ لاءِ تنگ ڪري رھيو آھي، نوجوان الزام ھڻندي وڌيڪ چيو ته وزير سولنگي وياجي آھي ۽ مون کي شھر ۾ ٻئي ڪنھن جي دڪان تي ڪم ڪرڻ به نه ٿو ڏئي ۽ پاڻ وٽ ڪم ڪرڻ جا پئسا به نه ٿو ڏئي جنھن ڪري اسان فاقاڪشي واري زندگي گذاري رھيا آھيون، نوجوان جي امڙ چيو ته منھنجا پٽ مزدوري ڪري گھر جو گاڏو ھلائيندا آھن وزير سولنگي اسان کي ڏاڍو پريشان ڪيو آھي. ھنن اعليٰ اختيارين، وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته وزير سولنگي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ انتهائي قدم کڻندو. ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل وزير سولنگي موقف ڏيندي چيو ته مون مجاهد مڱڻھار سان ڀلائي ڪئي ھن کي رهڻ لاءِ گهر جي جڳهه ٺهرائي ڏني آهي جنهن جي رقم واپس گهرڻ تي هي مون تي الزام لڳائي رهيا آھن. منهنجو حق مونکي وٺرائي ڏنو وڃي.