ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ويجھو ڳوٺ عبدالله خان ڊومڪي جي ٻن اھم شخصيتن عبدالحفيط ڊومڪي ۽ عبدالله ڊومڪي برادري سميت پي ٽي آءِ ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو،  عبدالحفيط ڊومڪي ۽ عبدالله ڊومڪي سليم جان مزاري جي موجودگي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برادري ۽ اتحادين سميت پيپلزپارٽي ۾ اعلان ڪندي مزاري گروپ ۾ شامل ٿيو آهيان. ان موقعي تي سليم جان مزاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عبدالحفيظ ڊومڪي ۽ عبدالله ڊومڪي کي ڀليڪار چئون ٿا.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ضلعي ناظم دور ۾رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا.عوام کي دل جي علاج جي سهولت ڏيڻ لاءِ اين آئي سي وي ڊي يونٽ جلد شروع ٿيندو ۽ آءِ بي اي اداري يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ 65 ايڪڙ زمين ڏني آهي.ھن چيو ته ڊجيٽل مردم شماري ۾ پنهنجي گهراڻن جي ننڍن وڏن فردن جي ڳڻپ ڪرايو ڪو به فرد رھجي نه وڃي.