خيرپور (رپورٽر) ناري تعلقي جي ڳوٺن مان 6 مهينا گذرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، فصل سڙي تباهه، علائقي واسي معاشي بدحاليءَ جو شڪار ٿي ويا، رهواسين جو احتجاجي مظاهرو. خبر موجب ناري تعلقي جي ديهه تليءَ جي ڳوٺ يار محمد شينو، غلام محمد شينو ۽ ٻين ڳوٺن جي برسات متاثرن پاران ڇهن مهينن دوران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڇهن مهينن کان برساتي پاڻي بيٺل هجڻ سبب زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي، ڳوٺن طرف ايندڙ ويندڙ رستا به بند آهن، ھزارين ايڪڙن تي پوکيل وونئڻ ۽  ڪيلي جو فصل سڙي تباهه ٿي ويو. ڪڻڪ جي پوکائي به نه ٿي سگهي آهي. هزارين علائقي واسي بک ۽ بد حالي جي ور چڙهي ويا آهن. هنن پ پ چيئرمين ۽ ضلعي انتظاميا کي اپيل ڪئي ته سندن ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي، ٻِي صورت ۾ عدالت جو در کڙڪايو ويندو.