سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس پاران جوابدار کي گرفتار ڪري 5 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اِن سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سائيٽ ايريا پوليس نصير آباد ويجهو ڪارروائي ڪندي جوابدار علي شير کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس گرفتار جوابدار وٽان 5 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار اڳوڻو پوليس اھلڪار آھي، جنھن کي ايراني تيل جي اسگلنگ جي الزام ھيٺ نوڪريءَ تان ھٽايو ويو ھو.