ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ٽي ايم او ڏيپلو محبوب علي زرداري پاران پلي بارگين جي درخواست!

0
301

حيدرآباد: ڏيپلي تعلقي ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ آيل 10 ڪروڙ رپيا بجيٽ ۾ مبينا طور گهوٻين واري معاملي ۾ نيب ريفرنس ۾ گرفتار اڳوڻي ٽي ايم او ڏيپلو محبوب علي زرداري پلي بارگين ڪرڻ لاءِ احتساب عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. عدالت سندس درخواست تي جاچ آفيسر کي 25 سيپٽمبر تي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. نيب 2017ع دوران ڏيپلي تعلقي جي ترقياتي ۾ گهوٻين جو ريفرنس 22 ڄڻن خلاف داخل ڪيو هو. ريفرنس ۾ اڳوڻي ٽي ايم اوز محبوب زرداري، آغا جهانگير، ڪانٽريڪٽرز عقيل احمد، ابراهيم ملاح ۽ ريحانه ممتاز سميت ٻين کي نامزد ڪيو ويو هو. ڪيس ۾ نامزد 3 ڪانٽريڪٽرز پاران ڪجهه عرصو اڳ پلي بارگين ذريعي رقم واپس ڪئي وئي.