ڪروشيا ۾ گھر وٺو، سو به صرف 25 پاڪستاني رپين ۾!

0
681

ڪروشيا(انٽرسٽنگ نيوز) يورپي ملڪ ڪروشيا هڪ خوبصورت ملڪ آهي ۽ اتي گھر خريدڻ لاءِ لکين ڊالرن جي ضرورت ناهي پوندي. پر اتر ڪروشيا جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ گهر صرف 25 پاڪستاني رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي. ليگارڊ نالي ڳوٺ ۾ ٻه هزار ٻه سئو کان وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا، ۽ گذريل هڪ صديءَ دوران اتان گھڻا ماڻهو ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن. هاڻي اتي گھرن کي صرف هڪ ڪيونا (ڪروشين ڪرنسي) يعني لڳ ڀڳ 25 رپي ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي ته جيئن اتي گھٽجندڙ آبادي کي وڌائي سگھجي. ڳوٺ جي ميئر ايوان سابولڪ ايتري گھٽ قيمت ۾ گھرن کي وڪڻندڙ جي حوالي سان ٻڌايو ته ان جو مقصد ڳوٺ کي ٻيهر نقشي ۾ واپس آڻڻ آهي. هن قيمت تي هيل تائين 17 گھر وڪرو به ٿي چڪا آهن، انتظاميا گھرن جي مرمت ۽ سينگارڻ لاءِ 25 هزار ڪيونا يعني 6 لک 23 هزار رپيا ڏيڻ جو واعدو به ڪيو آهي. ان اسڪيم تحت هاڻي صرف هڪ وڪري لاءِ بچيو آهي. ميئر ٻڌايو تنئين ايندڙ ماڻهن کي فوڊ پروڊڪشن ۽ مٽيريل پراسيس ڪندڙ صنعتن ۾ نوڪريون به ملي سگھنديون، پر اهي سستا گھر ڏيڻ سان گڏ ڪجھه شرط به آهن، جيئن امڪاني خريدارن جي عمر 40 سالن کان گھٽ هجڻ گھرجي، اهي مالي طور خودمختيار هجن ۽ گھٽ ۾ گھٽ 15 سالن تائين اتي رهڻ جو وچن ڪن. گھرن ۾ رهندڙ جوڙي مان ڪنهن هڪ جي هاءِ اسڪول تائين تعليم هجي ۽ 3 سالن تائين ڪم جو تجربو اضافي خاصيت سمجھي ويندي. ميئر موجب يورپ سميت ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن به اهي گھر خريدڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري، پر اميگريشن جي پيچيدگين جي ڪري في الحال اهي گھر يورپ مان ٻاهر جي رهواسين کي نٿا ڏنا وڃن.