پاڪستاني کدڙي ناياب علي جي خدمتن کي مان:“هماري هيروز” جي ايوارڊ سان نوازيو ويو

0
365

لاهور(انٽرسٽنگ نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کدڙي فقير ناياب علي کي “اسان جو هيرو” جو ايوارڊ ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ پشاور زلمي ۽ ڪراچي ڪنگز جي ميچ دوران کدڙي فقير ناياب علي کي “هماري هيروز” جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ايوارڊ پاڪستان جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪرڻ ۽ کدڙا برادري لاءِ ڪيل خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. ناياب علي پاڪستان جو پهريون کدڙو آهي جيڪو ليکڪ، ايڪٽوسٽ ۽ سوشل سائنٽسٽ آهي. هن ٽي ڀيران عالمي ايوارڊ به حاصل ڪيا آهن. ميچ ۾ ناياب علي خصوصي شرڪت ڪئي. ايوارڊ انويريڪس سولر انرجي جي ايم ڊي سعود بابر شيخ ڏنو، جنهن ۾ 2 لک 46 هزار جو چيڪ کدڙي فقير ناياب علي جي حوالي ڪيو ويو.