ڪرڪيٽر ڇڪو هڻي پنهنجي ئي ڪار جو شيشو ڀڃي ڇڏيو

0
546

لنڊن (انٽرسٽنگ نيوز) انگلينڊ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽر ڇڪو هڻي پنهنجي ئي گاڏيءَ جو شيشو ڀڃي ڇڏيو. ان ڏس ۾ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ڪلب دوران پاڪستاني بيٽسمين آصف علي شاندار ڇڪو هنيو، جنهن کانپوءِ بال وڃي سندس گاڏيءَ جي مٿان ڪريو، جنهن جي نتيجي ۾ آصف علي جي ڪار جو شيشو ڀڄي پيو. شارٽ هڻڻ کانپوءِ آصف علي بال کي ڏسندو رهيو، جيئن ئي بال سندس گاڏيءَ جي مٿان ڪريو ۽ شيشو ڀڄڻ تي آصف علي افسوس ڪندي هيٺ ويهي رهيو. آصف علي جي مٿو جھلي ويهڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.