آسٽريا(انٽرسٽنگ نيوز) ڪروشيا کان موڪلون ڪري واپس ايندڙ عورت پنهنجي بيگ ۾ 18 وڇون ڏسي دنگ رهجي وئي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آسٽريا سان تعلق رکندڙ عورت ڪروشيا ۾ پنهنجون موڪلون ملهائڻ وئي ۽ واپسي تي پنهنجو بيگ وڇن سان ڀريل ڏسي حيران ٿي وئي. ڊنل عورت اينيمل ڪنٽرول سان رابطو ڪيو جنهن جا اهلڪارن عورت جي گهر اچي سمورن وڇن کي پڪڙي ورتو. اينيمل ڪنٽرول موجب وڇن ۾ مادي وڇون ۽ هن جا 17 ٻچا شامل هئا. هن وقت سمورن وڇن کي لينز اينيمل سينٽر ۾ رکيو ويو آهي. رپورٽ موجب اهو آسٽريليا ۾ ٽيون ڪيس سامهون آيو آهي، ان کان اڳ به ڪروشيا ۾ موڪلون ڪري واپس ايندڙن سان اهڙا واقعا رپورٽ ٿيا آهن.