برمنگهم(انٽرسٽنگ نيوز) برطانيا ۾ ايچ ايس 2 هاءِ اسپيڊ ريل منصوبي تي ڪم ڪندڙ قديمي آثارن جي ماهرن 800 سال پراڻو هڪ لاڪيٽ دريافت ڪيو آهي جنهن تي سون جا 3 شينهن ٺهيل آهن. 12 هين صدي عيسوي سان تعلق رکندڙ اهو انمول خزانو برمنگهم ۾ موجود واروڪشائر جي علائقي جي ڳوٺ وورمليٽن مان دريافت ٿيو. ان لاڪيٽ ۾ ڳڙهي رنگ تي 3 سنهري شينهن ٺهيل آهن اها ڊيزائن بلڪل اهڙي ئي آهي جهڙي انگلش فٽبال ٽيم جي قميص تي بڻيل هوندي آهي. ان لاڪيٽ جي ويڪر 2 سينٽي ميٽر ۽ ڊيگهه چار سينٽي ميٽر کان ٿوري وڌيڪ آهي ۽ مٿان هڪ ڪنڍي لڳل آهي جنهن سان هن کي ٻڌيو ويندو هو. ماهرن جو خيال آهي ته جنهن وقت هي لاڪيٽ گم ٿيو ان وقت هي ممڪن طور تي نئون هو. شينهن کي انگلينڊ جي نشان طور استعمال ڪرڻ پهرين نارمن بادشاهه وليم فاتح جي دور سان جڙيل آهي جنهن 1066 عيسوي کان 1087 عيسوي تائين حڪومت ڪئي.