ڪراچي (نمائندن وٽان) حيدرآباد ۾ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ دستور موجب اڄ 3 محرم الحرام تي حيدرآباد جي مختلف علائقن مان ذوالجناح جا 7 ماتمي پڙ برآمد ٿيندا.  سيوھڻ ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي پھرين محرم الحرام تي گذريل رات ٻن تعزين وارو جلوس برآمد ڪيو ويو. ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ علم پاڪ چاڙهي عزاداري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. تاريخي پڙن لڪياري جي پڙ، بخاري پڙ، بچل شاه پڙ، سمن شاهه جي پڙ سميت ننڍن وڏن پڙن ۽ ٽنڊوباگو جي مختلف ڳوٺن پهاڙ مري، رمضان عمراڻي، بکو چانڊيو، فضل خاصخيلي، سانگي ڦرهو، علي اڪبر چانڊيو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ علم پاڪ سينگاري ڪربلا جي شهيدن ياد ۾ عزاداري ٿي رهي آهي. ٽنڊومحمدخان شهر ۾ گل شاهه بابا مير محله مان ذوالجناحن سان ماتمي جلوس برامد ڪيو ويو جڏهن ته زين العابدين جي پڙ تان پڻ 10  کان وڌيڪ ذوالجناحن علم پاڪن سان ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا ، جيڪي سڄي رات شهر جي مختلف پڙن ميرن جي پڙ ، بخاري جي پڙ ، ملوڪ شاهه جي پڙ ، وسائي جي پڙ ، نظر محمد دولها جي پڙ سميت شهر جي ننڊن وڏن پڙن تي پهتا ،سجاول جوڻيجو ۾محرم الحرام شروع ٿيڻ سان مٺي پاڻيءَ جون سبيلن جون ڪيمپون لڳايون ويون. جاتي  محرم الحرام جي پهرين جي رات گهٽي گهٽي ۾ ياحسين جون صدائون بلند ٿي ويون، ماتمي جلوس پڻ برآمد ٿيا مجلسن جو سلسلو جاري آهي، مرڪزي امام بارگاه الحسيني تي مجلس کي مولوي غلام محمد قمبراڻي  خطاب ڪيو. ڀٽ شاھ ۾ محرم الحرام جي سلسلي ۾ مجلس عزائون برپا ڪيون ويون. ـ درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي صحن ۾ منعقد ڪيل مجلس عزا کي علاما ياسر بوترابي ۽ علاما ظھيرالحسن آفاقي خطاب ڪيو جڏھن تـ درگاھ چاڙھي پليٽ فارم تي پيرآف ڀٽ شاھ سيد گداحسين شاھ لطيفي جي ميزباني ھيٺ منعقد ڪيل مجلس عزا کي علاما سيد علي اصغر شاھ خطاب ڪيو ۽ ذڪر حضرت امام حسين ع بيان ڪيو. قاضي احمد ۾  مجلس عزا کان بعد ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاھ کان برآمد ڪيو ويو . نوابشاھ  جي غلام حيدر شاھ ڪالوني ۾ مجلس عزا ٿي. ڄام صاحب ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو، مجلس عزا منقعد ٿي.  ٽنڊوجان محمد ۾ مجلس عزا ٿي. نوحه خواني ۽ ماتمي جلوس برآمد ٿيا.