ڪراچي (م ڊ) نواز ليگ قائد نواز شريف ڏيهه  واپسيءَ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي. اهڙي دعويٰ سينيئر صحافي ڪامران خان ڪئي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪامران خان لکيو ته اعتماد جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز ليگ قائد ميان نوازشريف ڏيهه واپسيءَ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي.  هن چيو ته اندازو آهي ته ميان صاحب جي واپسي هن ئي مهيني ٿيندي، ان کان اڳ سندس حفاظتي ضمانت ممڪن بڻائي ويندي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته نواز ليگ نواز شريف صاحب جي واپسي کي  تاريخي سياسي پاور شو بڻائيندي، مريم بي بي واپسيءَ انتظامن کي ليڊ ڪندي.