ڪراچي (م ڊ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت ۾ 4 ڊالر کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سومر ڏينهن برطانوي ڪچي تيل برينٽ جي قيمت ۾ 3.77 ڊالر يعني 3.6 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ قيمت في بيرل 100.20 ڊالر تائين پهچي وئي. آمريڪي ڪچي تيل جي قيمت ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) ۾ به 4.59 ڊالر يعني 4.7 سيڪڙو جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، جنهن کانپوءِ آمريڪي ڪچو تيل 94.03 ڊالر في بيرل تي وڪرو ٿيو.