ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هندو برادري  جي 13 مندرن تي لينڊ مافيا پاران قبضو ڪرڻ خلاف شهري ڪيلاش  ڪمار  سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي آهي. درخواست ۾ پٽيشنر موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ هنومان مندر فريئر روڊ، گجرات نگر شو ٽيمپل، ناگ ناٿ مندر، مري ماتا ٽيمپل سميت 13 مندرن تي لينڊ مافيا قابض آهي، جنهن سبب هندو برادري  عبادت ڪري نٿي سگهي، پٽيشنر موجب هندو برادري کي عبادت ۽ مندرن جي سارسنڀال کان روڪڻ انساني بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهي. عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو وڃي ته قبضا ختم ڪرائي مندرن جا انتظام  هندو برادري جي سٺي شهرت رکندڙ شخصيتن حوالي ڪيا وڃن.