ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ٽريفڪ پوليس طرفان شھرين لاءِ جاري ڪيل ھدايت نامي کي آءِ جي آفيس  جعلي قرار ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ ٽريفڪ پوليس جي ترجمان آفيشل واٽس ايپ گروپ تي ھدايت نامو جاري ڪندي ڄاڻايو هو ته چالان جي صورت ۾ ميسيج  اچڻ تائين  اھلڪار کي چالان جا پئسا نه ڏنا وڃن، ايس ايم ايس اچڻ بنا ٿيل چالان  جا پئسا اھلڪار جي کيسي ۾ وڃن ٿا ھدايت نامي ۾ ڄاڻايو ويو ته اھلڪار ميسيج نه اچڻ لاءِ انٽرنيٽ نه ھجڻ جو بھانو ڪري ته 9110 تي ڪال ڪئي وڃي. ٽريفڪ پوليس طرفان جاري ڪيل انھي ھدايت نامي کي آءِ جي آفيس 24 ڪلاڪن اندر  جعلي ۽ من گھڙت قرار ڏنو. اي آءِ جي (ايڊمن)  قمر رضا جسڪاڻي موجب شھري انھي ھدايت نامي تي ڏيان  نه ڏين، اھو ھدايت نامو ڪوڙو آھي، پوليس جو انھي سان ڪو واسطو ناھي.