اسلام آباد (م ڊ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ تيزيءَ سان واڌ اچڻ لڳي. صحت جي قومي اداري  موجب ڪراچي ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 21 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ ڪورونا جون 650 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 138 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ شهر ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 21.23 سيڪڙو رهي. سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جو ڪو ڪيس رپورٽ نه ٿيو. 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي مجموعي شرح 2.14 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.