ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ سمنڊ ۾ وهنجندي 7 ڄڻا ٻڏي ويا، 4 لاش ڪڍيا ويا، ان ڏس ۾ بوٽ بيسن واري علائقي ۾ بينظير ڀٽو پارڪ وٽ سمنڊ ۾ وهنجڻ دوران 7 ڄڻا ٻڏي  ويا، ايڌي ترجمان موجب اربع جي شام جو ٻن ڄڻن جي ٻڏڻ جو اطلاع مليو هو، جنهن بعد ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو، نوجوانن جي وارثن به پنهنجي طور تي نوجوانن جي ڳولا ڪئي پر نوجوان نه ملي سگھيا، رات جو ريسڪيو آپريشن روڪيو ويو، خميس ڏهاڙي ٻيهر ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن دوران  3 نوجوانن کي بيهوشي واري حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو، جڏهن ته 4 ڄڻن جا لاش  هٿ آيا ، فوتين ۾ 35 ورهين جو الهداد، حماد، سيف الله ۽ محمد رياض شامل آهن، فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو