ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ واٽر بورڊ جي انجنيئر  جي قتل جو ڪيس داخل، منگھوپير ۾ حب فلٽر پلانٽ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل واٽر بورڊ جي سب انجنيئر فرقان اختر جو قتل ڪيس سندس ڀاءَ سيد عمران جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ واقعي کي ڦر دوران مزاحمت جو نتيجو قرار ڏنو ويو. ٻئي طرف پوليس موجب واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو آهي، واقعي واري جاءِ تان نائين ايم ايم گولين جا خول مليا، جوابدارن واقعي کي ڦر جو رنگ ڏيڻ لاءِ آفيسر کان موٽرسائيڪل ڦر ڪئي، منگھوپير ۾ غيرقانوني واٽر هائڊرنٽ مافيا به آهي،