ملير(رپورٽر) شاهه لطيف ۾ مامي ۽ ساٿين هٿان بدترين تشدد ۽ زيادتي جو شڪار معصوم ٻارڙيءَ  ڪبريٰ لاشاري جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو، جناح اسپتال ۾ موجود ٻارڙيءَ جي ماءُ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته معصوم ڪبريٰ جي حالت خراب آهي، اسين غريب آهيون، اسان جي ڪير  مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته جوابدارن کي سخت سزا ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير ۽ سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي چيئرمين ساجد جوکيو لاڳاپيل عملدارن کي جناح اسپتال پهچي ٻارڙي  جي علاج جي نگراني جو حڪم ڏنو