ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن ۾ 5 مقابلا، 3 جوابدار مارجي ويا، 5 هاف فراءِ، ان ڏس ۾ نارٿ ناظم آباد جي بلاڪ ايل ۾ نادرا ميگا سينٽر وٽ 2 ڦورو شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته شاهين فورس جا اهلڪار پهچي ويا، پوليس موجب جوابدارن جي فائرنگ ۾ شهري فهد ۽ اهلڪار اريب زخمي ٿي پيا، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 جوابدار زخمي ٿي پيا، زخمين مان هڪ جوابدار تي شهرين تشدد ڪيو، جنهن اسپتال ۾ دم ڏنو، مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ ناهي ٿي، جڏهن ته  زخمي جي سڃاڻپ ڪامران جي نالي سان ٿي. پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، ٻئي طرف سهراب ڳوٺ ۾ اي وي ايل سي پوليس ۽ جوابدارن ۾ مقابلو ٿيو، پوليس موجب 2 جوابدار زخمي حالت ۾ فرار ٿيا، جوابدار ڪار کي رهائشي علائقي ۾ ڪاهي ويا، جتان هڪ جوابدار رڪشا ۾ سوار ٿي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، سندس لاش ڪار ۾ موجود هو، ٻئي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ ولايت حسين ولد عبدالطيف جي نالي سان ٿي، هوڏانهن لياري جي آگرا تاج واري علائقي ۾ جيڪسن پوليس ۽ جوابدارن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار شهزاد مارجي ويو، جڏهن ته هڪ  جوابدار علي اڪبر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو سندن قبضي مان پستول، 6 گوليون، 2 موبائيل فون ۽ روڪ رقم هٿ آئي آهي. هوڏانهن سعيد آباد پوليس مقابلي بعد جوابدار نجيب الله ۽ يوسف کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، ساڳئي ريت سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس معمار موڙ وٽ جوابدار موسيٰ ڪريم کي مقابلي ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي