بخشاپور/ڪريم بخش کوسو (نمائندن وٽان) بخشاپور ويجهو انڊس هاءِ وي سومر لاڙي وٽ موبائل تي حملي ۾ شهيد ٿيل ٻن اهلڪارن مسعود احمد بنگلاڻي ۽ ادب حسين جکراڻي جا مڙهه جنازي نماز بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، ان ڏس ۾ ادب حسين جکراڻي جي جنازي نماز ڳوٺ بجار خان جکراڻي ۾ ادا ڪئي وئي، جتي پوليس جي دستي سلامي ڏني، جنهن کانپوءِ شهيد اهلڪار جو مڙهه اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ رينجرز جي ڊي ايس آر، ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر عبدالرشيد منگي، ايس ايچ او بخشاپور سميت علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته وڏي منشي مسعود احمد بنگلاڻي جي جنازي نماز ٺل جي ڳوٺ ڳوٺ حافظ مير محمد بنگلاڻي ۾  ادا ڪئي وئي، جنهن بعد سندس مڙهه دفن ڪيو ويو،  واضح رهي ته گذريل رات هٿياربندن جي ٽولي گشت دوران پوليس موبائل تي حملو ڪيو هو، فائرنگ جي نتيجي ۾ وڏو منشي مسعود بنگلاڻي ۽ اهلڪار ادب حسين جکراڻي شهيد ٿي ويا هئا ۽ اهلڪار صدام حسين زخمي ٿي پيو هو، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجھه مهينا اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ 50 لک انعام يافته بدنام ڏوهاري شريف بنگوار مارجي ويو هو جنهن جي پلاند ۾ اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويو، آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪيس  داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.