سيوھڻ (رپورٽ: اشرف عطار)ڀان سيدآباد جي ڳوٺ گلشير مھر ۾ 7 ڏينهن اڳ نورين مھر قتل وارو مامرو، ڀان سيدآباد پوليس ڪالهه نورين جي قتل ۾ ملوث جوابدارن ڀاءُ محسن مھر ۽ سندس چاچي جمن مھر کي 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ ۽ پوليس رمانڊ وٺڻ لاءِ سيڪنڊ سول جج سيوھڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت پھچڻ وقت صحافين کي ڏسي گرفتار جوابدار محسن مھر ميڊيا آڏو پوليس تشدد جون دانھون ڪيون ۽ ھن ميڊيا سان ڳالھائيندي الزام مڙھيندي چيو ته پوليس مون کي زبردستي اقراري بيان ڏيڻ لاءِ مجبور ڪري رھي آهي. ھن چيو ته پوليس چوي ٿي تون مڃ ته تون ۽ تنهنجي ڀاءُ ۽ پيءُ نورين مھر کي ماريو آهي نه ته توکي ھاف فراءِ ڪنداسين. ھن صحافين آڏو عدالت کي اپيل ڪندي چيو ته  مون کي جيل حوالي ڪيو وڃي پوليس حوالي ڪيو ويو ته مون کي پوليس ماري ڇڏيندي. ھن چيو ته پوليس سڄي رات تشدد ڪرڻ شروع ڪري ٿي ته صبح ٿي وڃي ٿي جڏهن ته اسان کي گذريل اربع کان گرفتار ويو آهي  پر پوليس اسان جي گرفتاري هڪ ڏينهن اڳ شو ڪئي آهي، جيڪو سراسر ظلم آھي جڏهن ته اسان پاڻ پوليس ڏي وياسين جيڪڏهن ڏوھي ھجون ھا ته ڀڄي وڃون ھا. ھن مطالبو ڪيو ته ھن قتل ۾ دعويدار مڙس کي به گرفتار ڪري صاف شفاف انڪوائري ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف نورين مھر قتل ڪيس جي شنوائي بعد عدالت قتل ڪيس جي گرفتار ٻن جوابدارن محسن مھر ۽ جمن مھر کي عدالت 4 ڏينهن جي ميڊيڪل رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ۽ عدالت جوابدار محسن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ اسپتال کڻي وڃڻ جو پڻ حڪم ڏنو ۽ عدالت پوليس کي حڪم ڪندي چيو ته ڪيس جي فرديادي مڙس پاران مقتولا نورين سان ڪيل چيٽ ۽ واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل به عدالت ۾ آندو وڃي. بعد ۾ عدالت 26 مئي تي ٻيھر جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.