ڪراچي (م ڊ) گڏيل قومن جي ماهرين ڪراچي جي گجر ۽ اورنگي نالي ويجهو رهندڙ هڪ لک ماڻهن کي بي دخل نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، گڏيل قومن سان لاڳاپيل انساني حقن جي ماهرين پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته گجر نالي ۽ اورنگي نالي جي ويجهو رهندڙ هڪ لک ماڻهن کي گهرن کان بي دخل ڪرڻ جو عمل روڪيو وڃي، اها ڪارروائي شهري انتظاميا پاران متاثر رهواسين سان مناسب مشاورت ۽ سندن آبادڪاري جي پلان کانسواءِ ڪئي پئي وڃي، اهڙي ريت ان آپريشن جو قانوني بنياد ۽ متاثرين جي نقصان جي ازالي لاءِ موجود ذريعا به غيرواضح آهن، جيڪي واضح آهن اهي متاثر آبادي تي ان جا خوفناڪ اثر آهن، جنهن سان ڪورونا وبا دوران ڪيترائي خاندان روڊن تي اچي ويندا.