سکر (بيورو رپورٽ) سکر ضلعي جي پرائمري اسڪولن ۾ لنچ باڪس يا ريفريشمينٽ کڻي اچڻ تي پابندي، سرڪيولر جاري. اِن ڏس ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري عبدالماجد بلو جي صحيءَ سان جاري ڪيل سرڪيولر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ضلعي جي سمورن بوائز ۽ گرلز پرائمري اسڪولن ۾ کاڌو (لنچ باڪس، ريفريشمينٽ) کڻي اچڻ کان سختيءَ سان منع ڪيو ويو آھي، سرڪيولر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته جيڪڏھن اِن عمل جي خلاف ورزي ڪئي وئي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. مليل ڄاڻ موجب ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر عبدالماجد بلو موجب ڪووڊ صورتحال کي نظر ۾ رکندي اختيارين جي حڪم تي اھڙو ليٽر جاري ڪيو ويو آھي، اِن ڪري جو ڪو گڏجي کاڌو نه کائي سگھي، جنھن سان ڪورونا جو ڦھلاءُ ٿي سگھي ٿو.