ڪراچي (نمائندن وٽان ) سنڌ کانپوءِ وفاقي سرڪار پاران به جولاءِ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر اچڻ جو خدشو : وڌيڪ 44 شهري فوت، 1052 نوان ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته ملڪ ۾ ڪورونا شرح 2.29، ڪراچي ۾ 11.5، حيدرآباد ۾ 4 ۽ سنڌ جي باقي 22 ضلعن ۾ 2سيڪڙو رهي، هوڏانهن سنڌ ۾ وڌيڪ 15 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 591 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته هن وقت 19524 مريض علاج هيٺ آهن، 18882 مريض گھرن ، 30 آئسوليشن سينٽرن ۽ 612 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، 556 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 59 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾ 424، بدين ۾ 15، حيدرآباد ۾ 13، بدين ۾ 3، ڄامشوري ۾ 4، قمبر ۾ 14، خيرپور ۾ 5، لاڙڪاڻي ۽ مٽياري ۾ 7_7، ميرپور خاص ۾ 8، نوشهروفيروز ۾ 9، سانگھڙ ۾ 14، شهيد بينظيرآباد ۽ ٽنڊوالهيار ۾ 2_2، سجاول ۾ 15، شڪارپور ۾ هڪ، ٺٽي ۾ 21، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ 4،4 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ٻئي پاسي وفاقي وزير اسد عمر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ۽ ڪورونا جي حفاظتي ٽُڪن واري مهم درست طريقي سان جاري نه رهي ته پاڪستان ۾ خطرناڪ وبا جي چوٿين لهر به اچي سگهي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اين سي او سي اجلاس ۾ ڪورونا صورتحال جو جائزو آرٽيفيشل انٽيليجنس جي بنياد تي ورتو ويو ، جنهن ۾ انڪشاف ٿيو ته ڪورونا جي چوٿين لهر جولاءِ ۾ اچي سگهي ٿي. هوڏانهن اين سي او سي پرڏيهه ويندڙ شهرين کي فائزر ويڪسين لڳائڻ جِي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ، ان ڏس ۾ وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته جِتي چيني وئڪسين کي نٿو مڃيو وڃي، اُنهن ملڪن ڏانهن ويندڙ مسافرن کي فائزر ويڪسين لڳائي ويندي، ٻئي پاسي سنڌ حڪومت کي وفاق طرفان مليل فائزر ويڪسين جا 12 هزار ڊوز جناح سميت مختلف اسپتالن ۾ نه پهچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جناح اسپتال انتظاميا موجب فائزر ويڪسين جي سخت ضرورت آهي پر سنڌ حڪومت فراهم ناهي ڪئي، ٻئي پاسي صحت کاتي ويڪسين نه پهچڻ جَي حوالي سان اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، صحت کاتي جَي اختيارين جو چوڻ آهي ته خبر ناهي ته ويڪسين اڃا تائين اسپتالن کي ڇو فراهم ناهي ڪئي وئي، ٻئي پاسي جدي کان ڪراچي آيل244 مان 17 مسافرن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي ، جن کي لياقت آباد اسپتال ۾ قرنطينا ڪيو ويو آهي.