ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ٻن ڏينهن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ، آصف علي زرداري کيس گلدستو موڪليو، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ 3 ڏينهن اڳ ڪراچي پهتل پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کي طبعيت خراب ٿيڻ سبب اسپتال داخل ڪيو ويو هو، جي يو آءِ ترجمان موجب مولانا فضل الرحمان جا ڪورونا سميت مختلف ٽيسٽ ڪيا ويا، ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو آئي، هاڻ طبعيت ۾ بهتري اچي رهي آهي، ڪالهه اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مولانا فضل الرحمان ڏانهن گلدستو اماڻي ساڻس نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي ، ٻئي طرف جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مولانا راشد محمود سومرو چيو ته حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، 29 جولاءِ تي شهر قائد ۾ پي ڊي ايم تاريخي جلسو ڪندو، جيڪو موجوده حڪومت خلاف ريفرنڊم ثابت ٿيندو، هن چيو ته اسانکي بلوچستان ۾ حڪومت ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي، سينيٽ ۾ اڪثريت ڏيڻ جو به واعدو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته صرف هٿ هلڪو رکو، پر اسانجي قيادت اصولن تي سوديبازي نه ڪندي آڇ ٺڪرائي ڇڏي.