اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان سان پي ٽي آءِ جَي اتحادي گروپ جِي ڊي اي جَي وفد ملاقات ڪئي جنهن دوران وفد سنڌ ۾ اپوزيشن سان امتيازي رويي خلاف دانهون ڪيون، جي ڊي اي اڳواڻن چيو ته وفاق ۾ اپوزيشن کي ڳالهائڻ جو موقعو ملي ٿو، پر سنڌ ۾ مخالف ڌر کي ڳالهائڻ نٿو ڏنو وڃي، ملاقات دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، غوث بخش مهر ۽ ٻيا موجود هئا، جي ڊي اي وفد طرفان وفاقي بجيٽ جي منظوري لاءِ ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي وئي، ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن سان امتيازي رويي وارو مامرو وزيراعظم آڏو اُٿاريو آهي، سنڌ سرڪار جو اپوزيشن سان رويو مذمت جوڳو آهي، اهڙو رويو برداشت نه ڪنداسين.