مظفر ڳڙهه (م ڊ) تحفظ والدين آرڊيننس 2021ع جي تحت پهرين ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو. مظفر ڳڙهه ۾ زال جي چوڻ تي ضعيف والدين کي تشدد جو نشانو بڻائي کين گهر مان بيدخل ڪندڙ پٽ کي هڪ مهيني جي لاءِ جيل موڪليو ويو. جوابدار تي 50 هزار رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر پوليس کي نافرمان پٽ کان سندس والدين جو گهر 3 ڏينهن ۾ خالي ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.