ڪرونڊي: تعليم کاتي جي نا اهلي، سرڪاري ڪتاب فيض گنج واهه مان هٿ

0
228

ڪرونڊي(ن پ ا) تعليم کاتي جي نا اهلي ، سرڪاري ڪتاب فيض گنج واهه مان هٿ، فيض گنج واهه ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان ڇاپيل ڪتاب لڙھندي ڏسي ڳوٺاڻن واهه مان ڪتاب ڪڍي ورتا، جن جو چوڻ آهي ته خبر ناهي ڪتاب الاءِ ڪنهن واهه ۾ لوڙھيا آھن، سوين ڪتاب آهن جن ۾ ڇهين، ستين ۽ اٺين درجي جا اردو، انگريزي، سنڌي عربي جا ڪتاب شامل آهن، اسان ڪجه ڪتاب ڪڍيا ڪجهه واهه ۾ لڙھي ويا، ڪتابن سان گڏ ڪجه سوالي پرچا ۽ ٻيا ڪاغذ پڻ هئا جيڪي اسان نه ڪڍي سگهياسين، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسڪولن ۾ اڪثر ڪتابن جي کوٽ ھوندي آھي ۽ شاگردن کي نه ملي سگهندا آھن واه ۾ ڪتابن جو لڙھڻ تعليم کاتي جي نا اهلي آهي.