مظفرآباد (م ڊ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري مودي خلاف جهاد ۽ آزاد ڪشمير جا ماڻهو وري عمران خان جي ڏنل مهانگائي ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪري رهيا آهن. آزاد ڪشمير ۾ ريلي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪمشيري والاريل ڪشمير ۾ هجن يا آزاد ڪشمير ۾ هجن، انهن جي مسئلن جو حل پيپلزپارٽي وٽ آهي، اليڪشن ۾ مخالفن جون ضمانتون ضبط ڪنداسين. هن چيو ته اسان ڪشميرين سان گڏ آهيون، پيپلزپارٽي جي مشڪل وقت ۾ ڪشميري اسان سان گڏ هئا، آئون ڪشميري عوام کي لاوارث نه ڏيندس، موجوده حڪومت جو ڪشمير بابت رويو ڏسندو آهيان ته افسوس ٿيندو آهي، ڪشمير جي عوام ڀٽو جو ساٿ ڏنو. هن آزاد ڪشمير جي عوام سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پيپلزپارٽي جي حڪومت ٺاهيندا ته اسان اوهان جا مسئلا حل ڪنداسين، مودي کي به ڀڄائينداسين ۽ عمران کي به ڀڄائينداسين.