اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پوليس پاران ڊائريڪٽر ڪسٽم انٽيليجنس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ تي وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار هڪ ڀيرو آمهون سامهون، ناڻي وزير شوڪت ترين سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکي ڇڏيو، ذريعن مطابق ناڻي وزير شوڪت ترين سنڌ جي وڏي وزير کي اماڻيل خط ۾ چيو آهي ته ڪسٽم ڊپارٽمينٽ زبير اسٽيل نالي ڪمپني خلاف هلندڙ سال جي اپريل مهيني ۾ اڍائي ڪروڙ رپين جي ٽيڪس چوري ۽ 4 لک 39 هزار ڊالرن کان وڌيڪ جي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪري ڪمپني جي ڊائريڪٽر زبير گيهه والا جي گرفتاري لاءِ فيروز آباد ۾ ڪارروائي ڪئي، گرفتاري کان پوءِ زبير گيهه والا 9 اپريل تي ڪسٽم ڪورٽ کان ضمانت ڪرائي ۽ ڪسٽم اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو ۽ الزام لڳايو ته ان کي جان کان مارڻ لاءِ فائرنگ ڪئي وئي ۽ ڪسٽم اهلڪارن مون کان رشوت طلب ڪئي جيڪا نه ڏيڻ تي مون مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، ايڊيشنل سيشن ڪورٽ اهڙي درخواست تي لاڳاپيل ايس ايڇ او کان رپورٽ طلب ڪئي، جيڪا ڪسٽم ڊپارٽمينٽ جي حق ۾ آئي، جنهن کان پوءِ زبير گيهه والا ايس پي جمشيد ٽائون جي بي بنياد رپورٽ سان گڏ نئين درخواست داخل ڪئي، ايس ايس پي پنهنجي رپورٽ ۾ پنهنجي ئي ايس ايڇ او جي رپورٽ کي غلط قرار ڏنو، جنهن عدالت ڪسٽم انٽيليجنس مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ذريعن مطابق خط ۾ چيو ويو آهي ته ڊي جي ڪسٽم انٽيليجنس مٿان ڪيس هڪ ٽيڪس چور ۽ ايس ايس پي جمشيد ٽائون فاروق بجاراڻي جي مبينا ڳٺ جوڙ جي نتيجي ۾ ٿيو، ان جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي ڪارروائي ڪئي وڃي.