ڪراچي ۾ جينئس جو جنم: نينگر کي 20 سالن جا سمورا ڏينهن ۽ تاريخون ياد

0
377

ڪراچي(دلچسپ نيوز) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سان واسطو رکندڙ 13 سالن جو نينگر اسد جينئس ثابت ٿيو آهي. توهان ننڍي عمر جا اسپيلنگ ماسٽرز ته ڏٺا هوندا، ڪيترن ئي انگن کي جوڙ، ڪٽ ۽ ونڊ ڪندڙ ماهر ٻارن جي به توهان کي خبر هوندي پر نارٿ ناظم آباد ۾ رهندڙ 13 سالن جو اسد گذريل 20 سالن جي تاريج جو ڪو به ڏينهن تمام سولائي سان ٻڌائي سگهندو آهي. اسد جي والده جو چوڻ آهي ته 5 سالن جي عمر ۾ اسد کي تاريخون ياد ٿيڻ شروع ٿي ويون هيون. دلچسپ ذهانت رکندڙ اسد وٽ رياضي جو ڪو فارمولو نه آهي هو پنهنجي ان حيران ڪندڙ خاصيت جي ڪري گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ پنهنجو نالو لکرائي چڪو آهي.