کير ملاوٽ وارو يا اصل: پڪ ڪرڻ لاءِ 4 طريقا سامهون اچي ويا

0
1037

ڪراچي(دلچسپ نيوز) کير انساني خوراڪ جو هڪ اهم جز آهي. کير ۾ ڪيلشيم جو وڏو مقدار هوندو آهي جيڪو هڏن ۽ ڏندن جي مضبوطي لاءِ تمام ضروري آهي. ان کانسواءِکير جسم کي پروٽين به ڏيندو آهي ۽ جسم جون وٽامنز جون ضرورتون به پوريون ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي. هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته کير جو روز هڪ گلاس پيئڻ سان 44 وٽامنز ضرورتون پوريون ٿي وينديون آهن. کير جي ڪيترن ئي قسمن ۾ معدنيات جيتري ڪيلشيم جو ڪو گهڻو مقدار ناهي هوندو تنهن هوندي به کير مان ملائي ۽ وغيره ٺاهي سگهجي ٿي. اڄڪلهه جي کير جي ڳالهه ڪجي ته هر ڪو اصل کير يا بنا ملاوٽ وارو کير ڳوليندي نظر ايندو آهي. کير جو مقدار وڌائڻ لاءِ ان ۾پاڻي وڌو ويندو آهي ۽ ان کي گهاٽو ڪرڻ لاءِ ان ۾ مختلف ڪريمون وجهي مارڪيٽ ۾وڪرو ڪيو ويندو آهي. ان حوالي سان صحت کاتي توڙي اختيارين ڪيتريون ئي ڪارروايون ڪيون آهن جن دوران مڪمل ڪيميڪل مان تيار ٿيندڙ کير به هٿ ڪيو ويو آهي ۽ يقينن اهڙا کير انساني صحت لاءِ فائديمند ته نٿا ٿي سگهن پر ويتر نقصانڪار بڻبا آهن. کير ۾ ملاوٽ ڪيئن ڳولجي؟ هتي اسان اوهان کي چار سولا طريقا ٻڌائينداسين. کير ۾ پاڻي جي ملاوٽ جاچڻ لاءِ توهان کي هڪ ننڍڙي ٽيسٽ ڪرڻي پوندي، گهٻرايو نه هيءَ ٽيسٽ زبان سان ڪرڻ واري مطلب (چکڻ) واري ناهي نه ئي هيءَ ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ توهان کي ڪنهن ليبارٽري ۾ وڃڻ جي ضرورت پوندي. ان ٽيسٽ جي لاءِ توهان هڪ اسٽيل جي ٽرائي کڻو، ان کي ڀت سان اهڙي طريقي سان رکو جيئن ڪنهن سلائيڊ (لهواري سطح) جيان بڻجي وڃي ۽ پوءِ انجي مٿان کير جو هڪ قطرو وجهو. جيڪڏهن کير جو اهو قطرو تيزي سان هيٺ وڃڻ لڳي ۽ ان جي پٺيان ڪو نشان به نه ٺهي ته پَڪ سمجهو ان کير ۾ پاڻي مليل آهي.

 ۽ اهو کير ملاوٽ وارو آهي. ٻئي طريقي ۾ توهان ٿورو کير کڻو ۽ ان کي ڪنهن ٿانوَ ۾ وجهي چُلهه يا ڪنهن باهه جي مٿان رکو. جڏهن کير صفا خشڪ ٿي ويندو ته ان جو مائو ٺهي پوندو. هاڻي ان مائي کي چيڪ ڪيو ته جيڪڏهن ان ۾ ڪنهن قسم جو سڻڀ ناهي ته سمجهي وڃو ان کير ۾ به ملاوٽ ٿيل آهي ۽ اهو کير توهان جي صحت لاءِ نقصانڪار آهي. کير ۾ پاڻي وجهڻ کانپوءِ ان جي ڇڊائپ ختم ڪرڻ لاءِ کير ۾ اسٽارچ يا نشاستو گڏائي ملايو ويندو آهي، ائين ڪرڻ سان هڪ طرف ته کير گهاٽو ٿي ويندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ کير جي مٿان ٿَريءَ جو به هڪ وڏو تهه اچي ويندو آهي. ان کي چيڪ ڪرڻ جي لاءِ کير جي هڪ پيالي ڀريو ۽ ان ۾ آيوڊين واري لوڻ جو هڪ چمچو وجهو، پوءِ ٿوري دير لاءِ انکي ڇڏي ڏيو جيڪڏهن کير جو رنگ بلو رنگ ۾ مٽجي وڃي ته اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهو کير به ملاوٽ ٿيل آهي. کير ۾ ملاوٽ جي تڪليف کان بچڻ لاءِ منافعي خور ڪيميڪل جي مدد سان اڇي رنگ جو محلول ٺاهي به وڪڻڻ شروع ڪندا آهن جنهن جو اسان مٿي به ذڪر ڪري آيا آهيون ته اهڙن ماڻهن کي مختلف جاين تي ڪارروائي ڪندي اهڙي ڪُڌي حرڪت ڪرڻ وقت ئي پڪڙيو ويندو آهي ۽ اهو نقلي کير صحت لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار هوندو آهي. ان جي نشاني اها هوندي آهي ته جڏهن ان کير کي گرم ڪيو ويندو آهي ته فوري طور تي ان جو رنگ هلڪو ڦِڪو ٿي پوندو آهي جيڪڏهن کير گرم ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو رنگ هلڪو  ڦڪو ڪري وڃي ته سمجهي وٺو اهو کير اصلي ناهي.