ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽرانسپورٽ کاتي اڄ کان ڪراچي ۾ وڌيڪ 2 روٽن تي پيپلز پنڪ بسون (گلابي بسون) هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته  ماڊل ڪالوني کان ٽاور واري روٽ ون تي گلابي بسون وڌايون وينديون،  ان حوالي سان سنڌ جي ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ماڊل ڪالوني کان ٽاور روٽ تي پنڪ بسن جي انگ ۾ واڌ ڪبي، جڏهن ته پاور چورنگي نارٿ ڪراچي کان ڪورنگي جي انڊس هاسپيٽل واري روٽ 2 ۽ نمائش چورنگي کان ڪلاڪ ٽاور رستي سي ويو واري روٽ-10 تي اڄ کان پنڪ بسون هلايون وينديون  صوبائي وزير پاران لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ پيپلز بس جي وڌيڪ نون روٽن تي سروي مڪمل ڪئي وڃي، هن چيوته هاڪس بي روڊ تي پيپلز بس هلائڻ جو جائزو ورتو وڃي.