ميرپورخاص (رپورٽ: وارث خاصخيلي+ فهد سلطان چانڊيو) ميرپورخاص لڳ پي ٽي آءِ ليبر ونگ ڊويزن جي صدر اي ڊي لاکو  جو سئوٽ مبينا طور قتل، گهر مان گوليون لڳل لاش هٿ، ان ڏس ۾  لاش کي عصر ڌاري سول اسپتال آندو ويو، اطلاع تي پوليس به پهچي وئي، وارث بنا پوسٽ مارٽم لاش ڳوٺ کڻائي ويا،   ھوڏانھن علائقي ۾ ڪارنھن جي الزام ھيٺ سئوٽ ھٿان سئوٽ قتل ٿيڻ جا چئوٻول ھلندڙ آھن، ٻئي طرف ايس ايس پي اسد علي چوڌري پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته قتل جي الزام ھيٺ آيل جوابدار فيض محمد لاکو کي گرفتار ڪري ورتو آھي، وارث ڪا به ڪارروائي نٿا ڪرائڻ چاھين، وارثن پاران ڪيس داخل نه ڪرايو ويو ته سرڪار جي فرياد تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويندو، پوليس موجب ته  رات دير سان ڳوٺ اي ڊي لاکو ۾نوجوان جاويد علي لاکو جو لاش سندس سئوٽ فيض محمد لاکو جو گھر مان ھٿ آيو، لاش کي 10 کان وڌيڪ پسٽل جون گوليون لڳل ھنيون، ھوڏانھن   ڳوٺ جي مالڪ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اي ڊي لاکو پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته سئوٽ کي سئوٽ قتل ناھي ڪيو، گھر جي ڇت تي ماڻهو جو آواز ٻڌي ٻي سئوٽ فيض محمد چور سمجھي خوف سبب فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب سئوٽ جاويد علي مارجي ويو آهي، ڪا به ڪارروائي نٿا ڪرائڻ چاھيون، پوليس زبردستي ڪيس داخل ڪرائڻ چاھي ٿي، پوليس جي پريشر سبب سئوٽ کي پيش ڪيو آھي، پوليس ڪنھن جي بڇ تي ڪيس داخل ڪرڻ چاھي ٿي.