سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ اندر سرڪاري اسڪولن وارو معاملو، تعليم کاتي طرفان سنڌ ۾ بند پيل اسڪولن بابت رڪارڊ عدالت ۾ پيش، سنڌ جي مختلف ضلعن اندر هڪ هزار 718 اسڪول بند هجڻ جو اعتراف. تعليم کاتي جي بند پيل اسڪولن بابت ڪيس جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ان دوران تعليم کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرز پيش ٿيا. عدالت لاڳاپيل عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته سنڌ اندر بند پيل اسڪول ڪيترا آهن؟ ان تي تليم کاتي سکر ڊويزن جي انتظاميا عدالت کي ٻڌايو ته سکر ڊويزن ۾ 219 اسڪول بند آھن، جڏھن ته سانگھڙ ۾ 201 اسڪول ھن وقت به بند آھن، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر نوشھروفيروز عدالت کي ٻڌايو ته ضلعي ۾ 396 اسڪول بند ھئا جن مان 301 اسڪول ٻيھر کوليا ويا آھن، تعليم کاتي حيدرآباد جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته ٿرپارڪر ۾ 628 اسڪول بند ھئا جن مان 95 اسڪول کوليا ويا  آھن، عمر ڪوٽ ضلعي ۾ 417 بند اسڪول مان 69 اسڪول کوليا ويا آھن. تعليم کاتي لاڙڪاڻو طرفان عدالت کي ٻڌايو ويو ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 332 اسڪول بند آهن جن ۾ قمبر- شهدادڪوٽ ۾ 80 ، جيڪب آباد ضلعي ۾ 65، شڪارپور ضلعي 76، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 26 ۽  ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۾ 75 اسڪول بند پيل آهن. جسٽس صلاح الدين پنھور رمارڪس ڏيندي چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ غريبن جو اولاد پڙهندو آهي، اوهان فرنيچر فراهم نٿا ڪري سگهو ته تعليم ڪٿان ڏئي سگهندا. ان تي اسپيشل سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 47 لک شاگرد موجود آهن، 30 شاگردن تي هڪ استاد جي حساب سان 50 هزار نوان استاد گهربل آهن. ان تي جسٽس صلاح الدين پنھور رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان کي وڌيڪ 50 هزار استاد گهربل آهن. تعليم کاتي جي پاليسي مطابق 30 ٻارڙن تي هڪ استاد کپي ٿو، پوءِ تعليم کاتو  آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 40 کان مٿي مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي ڀرتي ڇو نه پيو ڪري. ان ۾ ڪهڙي سائنس آهي جيڪا اوهان کي سمجهه ۾ نٿي اچي. ان بعد عدالت تعليم کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري کي بند پيل سمورن اسڪولن جو مڪمل رڪارڊ، گھربل استادن جا انگر اکر ۽ سھولتن متعلق اڳڀرائي رپورٽ سڀاڻي (اڄ) عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.