ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته هڪ سازش تحت ڪراچي بابت منفي تاثر ڏنو پيو وڃي، ڪجهه ماڻهو پئسا خرچ ڪري شهر جو اهڙو تاثر پيش ڪري رهيا آهن، ڪجهه وري ناداني ۾ اهڙي منفي تاثر جو حصو بڻجي رهيا آهن. مقامي هوٽل ۾ امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پوليس به هن سماج جو حصو آهي، اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته هڪ طرف پوليس ته ٻئي طرف دهشتگرد آهن، ڏوهارين جي پوليس سان ڀيٽ ڪرڻ  سان صورتحال مشڪل بڻجي وڃي ٿي، هن چيو ته اهڙو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڄڻ شهر ۾ امن ناهي. ورلڊ ڪرائيم انڊيڪس ۾ ڪراچي هاڻي 128 نمبر تي آهي، نئين دهلي، ڍاڪا، ڪابل، تهران ايستائين جو نيويارڪ به ڪرائيم انڊيڪس ۾ ڪراچي کان بدتر آهن. هن چيو ته شهر ۾ 40 هزار کان وڌيڪ ڪيميرائون لڳائي چڪا آهيون، هن چيو ته پوليس ۾ ٿرڊ پارٽي ذريعي ڀرتيون ٿين پيون،آءِ جي چيو ته الزام لڳائڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، باقي ڪرپٽ پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي جو سلسلو جاري رکنداسين. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان دنيا ۾ ڏوهن جي حوالي سان 128 نمبر تي آهيون، 7 کان 8 سال اڳ ڇهين نمبر تي هئاسين،