ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عمر سيال آءِ جي سنڌ غلام نبي  ميمڻ کي مخاطب ٿي چيو آهي  ته اوهان جا جاچ آفيسر عدالتي معاملن ۾ دلچسپي نٿا رکن، جنهن ڪري ڪيسن جو دٻاءَ وڌي رهيو آهي، عدالت هڪ کان وڌيڪ ڪيسن ۾ پنهنجي آبزرويشن ڏئي چڪي آهي، جنهن تي آءِ جي سنڌ عدالت کي يقين ڏياريندي چيو ته عدالتي حڪمن تي عمل کي يقيني بڻايو ويندو، ڪالهه قتل ڪيس جي جوابدار شيخ ناصر عرف جگو جي ضمانت واري درخواست ۾ عدالتي حڪم تي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي اولهه، پراسيڪيوٽر جنرل ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا، آءِ جي جي خاطري بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي ضمانت واري ڪيس ۾ انڪوائري آفيسر کي جامع جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي تي ايس ايس پي اولهه  ۽ جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءَ جي سنڌ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ھو،