ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ وفاقي وزير اسحاق ڊار جي ايٽمي اثاثن بابت بيان تي ان ڪيميرا اجلاس گهرائي پارليامينٽرينز کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته  ملڪ جي مفادن جو تحفظ هر ڪنهن جي ذميواري آهي، جيڪڏهن ڪنهن مفادن تي سمجهوتو ڪيو آهي ته پارليامينٽ کي آگاهه ڪيو وڃي، احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان سياست لاءِ لاش ڏسڻ چاھي ٿو پر حڪومت کيس اھڙو موقعو نٿي ڏيڻ چاھي، ڊڄڻن ماڻھن وانگر گھر ۾ ويھڻ بجاءِ گرفتاري ڏئي ها ته ٻن ٽن ڏينھن ۾ ضمانت ملي وڃيس ها،ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم قانون تي عمل نه ڪندو ته پوءِ عام ماڻھو ڪيئن ندو؟ هن چيو ته اسان اقتدار نه پر مسئلن جو حل چاھيون ٿا، نواز شريف علاج لاءِ ٻاھر ويو، اسان کيس سياست کان ڌار ڪري ڇڏيو، شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته هر ڪو احتساب جي ڳالهه ڪري ٿو پر احتساب جي نظام کي به ڏسو، رڳو الزام هڻڻ ۽ ڪيس نه هلڻ سڀ کان وڏي ناانصافي آهي، نئين چيئرمين نيب کي چوان ٿو ته سياستدانن جا ڪيس الڳ ڪري، ٻين ماڻھن جي ڪيسن جو نئين سر جائزو ورتو وڃي،10-10 سالن کان عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن، انصاف جي نظام ۾ انصاف نظر اچڻ گهرجي، اميد آهي ته نيب جو نئون چيئرمين انصاف جي فراهمي کي ڏسندو. هوڏانهن پي ايس او ۾ غير قانوني ڀرتين واري ريفرنس ۾ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻيا پيش ٿيا، ڪالهه نيب آرڊيننس بابت شريڪ جوابدار عمران الحق جي درخواست تي نيب جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته شيخ عمران الحق جي ايم ڊي طور مقرري وفاقي حڪومت جي مقرر ڪيل ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي، شيخ عمران الحق وٽ آئل مارڪيٽنگ جو تجربو ناهي، شاهد خاقان عباسي شيخ عمران الحق جي مقرري ۾ قانون جي خلاف ورزي ڪئي،