ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته بند پيل چلڊرن اسپتال نارٿ ڪراچي کي 15 ڏينهن اندر فعال ڪيو وڃي،  هو اسپتال هلائڻ لاءِ رَهتون ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پرائيويٽ پارٽنر ۽ حڪومت وچ ۾ تڪرار سبب نارٿ ڪراچي جي عوام کي صحت جي سهولتن کان محروم نٿو رکي سگهجي، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ جي پاليسي بورڊ جي 37هين اجلاس کي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ٻڌايو ته صحت کاتي سيپٽمبر 2016ع ۾ پاورٽي اراڊڪشن انيشيٽو (PEI) تحت 10 سالن جو انتظامي معاهدو ڪيو  پر پرائيويٽ پارٽنر اسپتال کي ڊسمبر 2021 ۾ بند ڪري ڇڏيو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ٻڌايو ته اسپتال کي هلائڻ لاءِ 425 ملين  (ساڍا 42 ڪروڙ رپيا) گهربل آهن. جنهن تي وڏي وزير چيو ته هو  فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اسپتال کي 15 ڏينهن ۾ فعال ڪيو وڃي، هن  صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته اسپتال جي 2016ع کان آڊٽ  ڪرائي  وڃي.