ميرپورخاص(رپورٽ: وارث خاصخيلي) ميرپورخاص مان 2 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ميٽرڪ جي شاگرد 17 ورھين جي حمزا ميوو جو سسي ڪٽيل لاش 78 موري ويجهو جمڙائو واهه مان ھٿ آيو، پوليس اطلاع تي پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل  ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف شاگرد جو لاش گھر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو، سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا، ٻي طرف نوجوان جي والد محمد صديق  پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناھي، ظالمن نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪري دل کي جھوريءَ وڌو آهي، هن ٻڌايو ته پٽ کي رات جو فون آيو، دوست سان ملڻ جو چئي نڪتو ۽ گم ٿي ويو، هن چيو ته سي سي ٽي وي ڪئمرا ۾ پٽ  علائقي جي مين گهٽي ٽريڪٽر مارڪيٽ روڊ تي  موبائيل فون تي ڳالھائيندي ويندي نظر اچي رھيو آھي، وس وارا نوٽيس وٺي انصاف ڪن، هن ٻڌايو ته  پٽ جي پاک آرمي ۾ نوڪري ڪرڻ جي خواھش ھئي،هوڏانهن متاثر خاندان پاران کپرو ناڪي چوڪ تي انصاف لاءِ  مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو،ان حوالي سان غريب آباد پوليس ٿاڻي جي ايس ايچ او امتياز جوڻيجو ٻڌايو  ته نوجوان وارث اڃا تائين ناھن پھتا، ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.جڏهن ته شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سول اسپتال جي ڊاڪٽرن موجب ته تيز اوزار سان لڳو ڪپڻ سبب نوجوان جو موت ٿيو آهي.