ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ٻارڙن جي بيمارين واري وڏي اسپتال اين آءِ سي ايڇ ۾ عارضي سربراهه مقرر، سرڪار مستقل چيف ايگزيڪيوٽو ( سربراه ) مقرر ڪري نه سگهي، ان ڏس ۾ روزاني 1000کان وڌيڪ او پي ڊي رکندڙ اسپتال جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر جمال رضا جي رٽائرمينٽ بعد سنڌ حڪومت ڪا مستقل مقرري نه ڪئي آھي، جڏھن ته عارضي بنيادن تي چارج جناح سنڌ ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسر ناصر سليم سڊل حوالي ڪئي وئي آھي. واضح رهي ته اين آءِ سي ايڇ جو 18هين گريڊ جو ناصر سليم سڊل 3 سالن جي ليئان تي ويو هو، جنهن کي اداري ۾ واپس گهرائي 21 گريڊ جي اضافي چارج ڏني وئي آهي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ( اين آء سي ايڇ ) ۾ مستقل سربراھ نه هجڻ سبب صوبي ۾ ٻارن جي بيمارين واري وڏي اسپتال مالي ۽ انتظامي بحران جو شڪار بڻجي وئي.