ڪابل(م ڊ) افغانستان جي صدر اشرف غني چيو آهي ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيندو يا وري ويڙهه ٿيندي ان جي چاٻي پاڪستان وٽ آهي، ان لاءِ پاڪستان کي آن بورڊ وٺڻ تمام ضروري آهي. جرمن اخبار کي انٽرويو ۾ هن چيو ته طالبان کي لاجسٽڪ، مالي مدد ۽ نوان ويڙهاڪ پاڪستان مان ملن ٿا، انهن جي فيصلا ڪندڙ ادارن جا نالا ڪوئيٽا شوريٰ، ميرام شاهه شوريٰ ۽ پشاور شوريٰ آهن انهن جو رياست سان گهرو واسطو آهي. هن چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ فوجين لاءِ لاجسٽڪ ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ پاڪستان تي تمام گهڻو ڀاڙيندو هو جنهن ڪري هنن طالبان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پاڪستان تي وڌيڪ دٻاءُ نه وڌو. هن چيوته پاڪستان جو آرمي چيف ڪابل جي دوري ۾ چئي ويو آهي ته طالبان جي آمريت جي بحالي خطي ۾ ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي پر پاڪ فوج جا ڪجهه ننڍا آفيسر ان جي ابتڙ خيال جا آهن. ان ڪري پاڪستان کي پنهنجي پاليسي تبديل ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته افغانستان ۾ آزادي چاهيان ٿو پاڪستان سان سيڪيورٽي ٺاهه ڪري نئين حفاظتي طاقت نه ٿا چاهيون، ۽ نه ئي خطي ۽ عالمي طور نوان دشمن پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته جرمني ۽ يورپي يونين کي افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ ۽ ڳالهائڻ گهرجي، جيڪڏهن ان مان ڪم نه ٿئي ته پاڪستان تي پابنديون لڳايون وڃن.