ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نواز ليگ کانپوءِ پي ايس پي به ڪراچي واري قومي تڪ تي 29 اپريل تي اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پي ايس پي چيئرمين ۽ اين اي 249 تي اميدوار مصطفيٰ ڪمال ڪالهه چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته اين اي 249 تي رٿيل اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاءِ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پاران ڏنل درخواستون حقيقت جي ابتڙ آهن، سنڌ جي حڪومتي جماعت پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي انهي تڪ تي ناڪامي نظر اچي پئي، انهي ڪري پ پ پنهنجي حڪومت کي استعمال ڪندي ڪورونا جو سبب ڄاڻائي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن ڏينهن سنڌ سرڪار درخواست ڏني هئي، ان ڏينهن ڪورونا وگهي فوتين جو انگ رڳو 2 هو، هن چيو ته اميدوارن پنهنجي پگهر جي پورهئي واري رقم خرچ ڪري اليڪشن مهم هلائي آهي، انهي ڪري رٿيل اليڪشن وقت تي ئي ڪرائي وڃي، واضح رهي ته انهي کان اڳ نواز ليگ جو اميدوار مفتاح اسماعيل به اليڪشن مقرر وقت تي ڪرائڻ جي درخواست ڪري چڪو آهي.