ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ به ڪورونا ويڪسين سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان صحت کاتي جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي سيڪريٽري کي سفارش ڪئي هئي ته سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ به ملازمن جي سهوليت لاءِ سيڪريٽريٽ ۾ ويڪسين سينٽر قائم ڪيو وڃي. اهڙي سفارش بعد نيو سيڪريٽريٽ بلڊنگ جي پهرين فلور تي ويڪسين سينٽر قائم ڪرڻ جو سرڪيولر جاري ڪيو ويو آهي.