ڪراچي (رپورٽ : شاهد ميراڻي) نيب اختيارين روهڙي ۾ آفيسن ۽ رهائشي ڪامپليڪس جي اڏاوت لاءِ سنڌ حڪومت کان روهڙي تعلقي ۾ اي ڪيٽيگيري جي 25 ايڪڙ مهانگي زمين 50 سيڪڙو رعايتي اگهه تي گُھري ورتي، روينيو اختيارين نيب کي زمين ڏيڻ وارو معاملو منظوري لاءِ وڏي وزير ڏانهن موڪلي ڇڏيو، جڏهن ته روينيو اختيارين حڪومتي منظوري بعد حيدرآباد جي هاءِ ڪورٽ بار سان لاڳاپيل وڪيلن توڙي هاءِ ڪورٽ ايمپلائيز لاءِ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيز جي قيام ۽ ڪراچي جي ماڙيپور واري علائقي جي ديهه مواڇ ۾ رضوان ٽرسٽ کي قبرستان لاءِ 350 ايڪڙ زمين 50 سيڪڙو رعايت تي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان ڏس ۾ بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر علم الدين بلو جي سربراهي ۾ ٿيل لينڊ يوٽيلائيزيشن جي اسڪروٽني ڪاميٽي جي اجلاس ۾ مختلف ادارن ۽ فلاحي تنظيمن کي قبرستانن ۽ هائوسنگ سوسائٽيز لاءِ سرڪاري زمينون 50 سيڪڙو رعايت تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ذريعن موجب نيب سکر جي اختيارين پاران لينڊ يوٽيلائيزيشن اختيارين کان روهڙي تعلقي جي ديهه نندو ڪوهستان ۾ 25 ايڪڙ زمين آفيسون ۽ رهائشي ڪامپليڪس اڏڻ لاءِ گھُري وئي آهي، نيب سکر چيو آهي ته کين اي ڪيٽيگيري جي زمين مارڪيٽ اگهه کان 50 سيڪڙورعايتي اگهه تي ڏني وڃي. جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد کي ديهه گنجو ٽڪر ۾ بي ڪيٽيگيري جي 70 لک رپيا في ايڪڙ واري 200 ايڪڙ زمين 50 سيڪڙو رعايت تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي لاءِ سي ڪيٽيگيري جي 35 لک رپيا في ايڪڙ واري 100 ايڪڙ زمين پڻ 50 سيڪڙو رعايت تي ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته رضوان ٽرسٽ کي ڪراچي اولهه ضلعي جي ماڙيپور واري علائقي ۾ ديهه مواڇ ۾ قبرستان لاءِ اي ڪيٽيگيري جي 75 لک رپيا في ايڪڙ ماليت واري 10 ايڪڙ زمين پڻ 50 سيڪڙو رعايت تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ملير جي تعلقي مراد ميمڻ ۾ درساڻو ڇنو واري علائقي ۾ ديهه نئون ملير ۾ سيد محمود اختر نقوي پاران قبرستان لاءِ سنڌ سرڪار کان 200 ايڪڙ زمين طلب ڪئي وئي آهي. لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي اختيارين اهو معاملو به وڏي وزير ڏانهن اماڻيو آهي. ذريعن موجب روينيو کاتي پاران سرڪاري ملڪيتن جو مارڪيٽ ريٽ گھٽ ڏيکاريو ويو آهي، ان کان اڳ سرڪاري ملڪيتون مختلف وقتن تي مختلف ماڻهن کي الاٽ ڪيون ويون آهن.