ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ڪراچي ۾ کيڏيون ويندڙ 4 ٽي ٽوئنٽي ميچز دوران شوقينن سان ڀريل اسٽيڊيم کي ناقابل يقين قرار ڏئي ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي آخري ڏينهن جي ميچ جون تصويرون شيئر ڪندي بابراعظم هڪ پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ لکيل هو ڪراچي ناقابل يقين رهيو، هاڻي لاهور جو وارو آهي. قومي ٽيم جي ڪپتان طرفان شيئر ڪيل تصوير ۾ پاڪستاني رانديگرن کي انگلينڊ جي بيٽرز کي آئوٽ ڪرڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.