ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان اڳوڻن رانديگرن سميت سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان قومي اسڪواڊ تي ڪئي ويندڙ تنقيد تي ڳالهايو آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ يونس خان چيو ته اسان هر ڀيري قومي اسڪواڊ ۾ تبديلي جو راڳ آلاپيندا آهيون، اسان ان کان اڳ به هڪ اهڙي ئي تبديلي ڪري چڪا آهيون، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي گهرجي پاڻ کي ۽ پوري پاڪستان کي شرمنده نه ڪري ته اسان ٻه ڏينهن پهريان اوچتو تبديلي ڪري ڇڏينداسين. قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان چيو ته منهنجي خيال ۾ اسان وٽ هاڻي اهي رانديگر آهن ۽ اسان کي انهن رانديگرن کي استعمال ڪرڻو آهي ٻيو ڪٿان رانديگر نه ايندا، اهي بهترين رانديگر آهن پر اسان کي ڪجهه قربانيون ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڪجهه نمبر هيٺ مٿي ڪرڻا پوندا جيڪي رانديگر پاڻ ڪري سگهن ٿا، رانديگرن کي پنهنجو اسٽائل تبديل ڪرڻو پوندو. مونکي نٿو لڳي ته پاڪستان ٽيم کي ڪنهن تبديلي جي ضرورت آهي. ورلڊ ڪپ جي حوالي سان يونس خان چيو ته جيڪڏهن اسان هڪ ئي اسٽائل سان کيڏندا رهياسين ته جيڪو آسٽريليا ۾ وڃي ٿيڻو آهي ان کي اسان برداشت نٿا ڪري سگهون، ان کان اڳ اسان کي ڪا اهڙي حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي جنهن سان اسان گهٽ ۾ گهٽ ورلڊ ڪپ جي فائنل تائين پهچي وڃون. بابر ۽ رضوان جي اوپننگ جي حوالي سان ڳالهائيندي يونس خان چيو ته هاڻي ان معاملي تي پي سي بي کي ڪم ڪرڻ ۽ سوچڻ جي ضرورت آهي.